عبدالستار قادري نقشبندي

عبدالستار قادري نقشبندي: نامور عالم، بزرگ حافظ عبدالستار قادري ولد واحد بخش سومرو، 26 مارچ 1915ع تي ڳوٺ دودي مهر، تعلقي ميرپور ماٿيلي، ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ پيدا ٿيو. ننڍپڻ ۾ سندس والد وفات ڪري ويو. سندس پالنا چاچي ميان موليڏني ڪئي. کيس ديني تعليم لاءِ ڳوٺ شير محمد مشوري مدرسي جي استاد خير محمد مشوريءَ وٽ ويهاريو ويو. جتان قرآن شريف حفظ ڪيائين. عربي، فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪري پير خواجه عبدالرحمان جي هٿ تي بيعت ڪري قادري سلسلي سان سلهاڙجي ويو. هن پير عبدالرحمان جي ڳوٺ ۾ مدرسو کولي درس تدريس جو ڪم شروع ڪيو. بعد ۾ جروار شهر ۾ آرو مشين ٺيڪي تي وٺي پاڻ هلائڻ لڳو. عبدالستار جهنگاڻ بوزدار ۾ مدرسو کولي شاگردن کي ديني تعليم به ڏني. اتي هڪ مسجد به ٺهرايائين. عبدالستار قادري مسجد منزل گاهه واقعي ۾ 1939ع ڌاري پير عبدالرحمان جي حڪم تي هزارين مسلمانن جو منتظم مقرر ٿيو ۽ ذميواريون نڀايون. هي پير پاڳاري سڪندر علي شاهه مردارن جو همعصر هو ۽ ساڻس ويجها تعلقات هئس. پير جي ڳوٺ درگاهه مان فارغ التحصيل ٿيندڙ شاگردن کي هر سال 27 رجب تي ٿيندڙ مجلس ۾ دستار جو پهريون ور عبدالستار کان ڏياريو ويندو هو. هن هميشه سادگي، عجز ۽ انڪساريءَ واري زندگي گذاري. هيءُ روزي، نماز، زڪوات جو پابند هو. سندس مدرسي ۾ هميشه لنگر جاري رهندو هو. هن 3 ربيع الـثاني 1423هه مطابق 26 مئي 2002ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1915.03.26  عيسوي

عبدالستار قادري ولد واحد بخش سومرو، 26 مارچ 1915ع تي ڳوٺ دودي مهر، تعلقي ميرپور ماٿيلي، ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ پيدا ٿيو.


2002.05.26  عيسوي

عبدالستار قادري 3 ربيع الـثاني 1423هه مطابق 26 مئي 2002ع تي وفات ڪئي.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالرحمان عرف بابا فتح محمد
ابوالحسن ڏاهري
فضل رحيم سومرو ڊاڪٽر
خادم هرومل سدارنگاڻي
نذر حسين سڪندري ڊاڪٽر
شيخ ابو طاهر الڪوراني
مولانا عبدالصمد هاليجوي
ڊومڪي علامه مقصود علي
پاٽائي مخدوم فضل الله جي پاٽ واري درسگاهه
حيدر علي لغاري
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون